سينٽ ميريز هاءِ اسڪول، سکر

سينٽ ميريز هاءِ اسڪول، سکر

سينٽ ميريز هاءِ اسڪول سکر

سينٽ ميريز هاءِ اسڪول، سکر (St. Mary’s High School Sukkur): هـيءُ اسڪـول انگـريـز دؤر ۾ سکـر ۾ قـائـم ٿيل اهـم گڏيـل تعليمي (Co-education) درسگاهه آهي. 1860ع ڌاري انگريز سرڪار برطانيا ۽ گووا جا عيسائي، سکر ۾ ريلوي ملازم مقرر ڪيا هئا، جن پنهنجي مشنري مقصدن لاءِ بمبئيءَ جي آرچ بشپ کي درخواست ڏني ته سکر ۾ هڪ پادري مقرر ڪيو وڃي، جنهن کانپوءِ پهرين مختصر عرصي لاءِ فادر وڪٽر کي ۽ پوءِ 1883ع ۾ مستقل طور فادر پيٽر ايس. جي کي سکر ۾ پادري مقرر ڪيو ويو.
فادر پيٽر ايس. جي، تعليم جي کوٽ کي مدنظر رکندي بمبئيءَ جي آرچ بشپ ۽ ريلوي انتظاميا کي درخواست ڏني ته هتي ٻارن لاءِ هڪ اسڪول قائم ڪيو وڃي. سندس درخواست تي 1881ع ڌاري سينٽ ميريز اسڪول جو قيام عمل ۾ آيو. آڪٽوبر 1888ع کان هي اسڪول ريلوي ملازمن جي ٻارن لاءِ پرائمري اسڪول طور مختص ڪيو ويو، بعد ۾ 1897ع ڌاري هن اسڪول ۾ مقامي ٻارن کي تعليم ڏيڻ جو سلسلو به شروع ٿيو.
اسڪول جي شروعاتي ٻارهن سالن دوران شاگردن جو تعداد 30 کان گهٽ هئڻ ڪري ريلوي انتظاميا اسڪول جي مالي امداد بند ڪري ڇڏي، جيڪا ٻيهر جنوري 1908ع ۾ بحال ڪري 20 روپيا مقرر ڪئي وئي. ان سان گڏوگڏ هڪ ريلوي بنگلو به اسڪول جي استعمال لاءِ ڏنو ويو، جيڪو 1911ع تائين اسڪول انتظاميا جي استعمال ۾ رهيو ۽ بعد ۾ ريلوي اختيارين واپس ورتو.
23 مئي 1911ع تي عيسائي برادريءَ طرفان اسڪول لاءِ هڪ عمارت فراهم ڪئي وئي ۽ اسڪول جي انتظامي سارسنڀال پڻ گرجا گهر اختيارين جي هٿ هيٺ رهي. 1916ع ڌاري هڪ ڀيرو ٻيهر هي اسڪول ريلوي انتظاميا جي حوالي ٿيو ۽ نيٺ 1917ع ڌاري هي اسڪول، تعليم کاتي وٽ رجسٽر ٿيو.
1940ع ۾ اسڪول جا انتظام فرينچ عملدارن جي حوالي ٿيا. ان عرصي دوران اسڪول جو تعليمي معيار وڌايو ويو ۽ شاگردن کي ڪيمبرج او ليول جي امتحانن لاءِ تيار ڪيو ويندو هو. 1942ع کان ڇوڪرين لاءِ بورڊنگ جو آغاز ٿيو. 1950ع ڌاري هن اسڪول کي ڏهين ڪلاس تائين وڌائي هاءِ اسڪول جو درجو ڏنو ويو. آڪٽوبر 1953ع ۾ پرائمري اردو اسڪول هن اسڪول جي شاخ طور وجود ۾ آيو.
1963ع ڌاري هن اسڪول ۾ هڪ سائنس ليبارٽري پڻ قائم ڪئي وئي. 1972ع ڌاري ملڪ جي اڳوڻي وزيراعظم (شهيد) ذوالفقار علي ڀُٽي جي حڪم تي ڪيترن نجي اسڪولن کي سرڪاري اسڪولن جي حيثيت ۾ تبديل ڪيو ويو، جن ۾ هي اسڪول پڻ شامل هو. 1990ع ۾ سنڌ سرڪار هي اسڪول اصلوڪن مالڪن حوالي ڪيو، ان وقت سسٽر فلاويا اسڪول جي پرنسپل مقرر ٿي. ان سڄي عرصي دوران اسڪول جي عمارت ۽ تدريسي عمل کي ڪافي نقصان رسيو. 1992ع ۾ سسٽر روزي جيڪب پرنسپال جي عهدي تي فائز ٿي، جنهن جي ڪوششن ۽ رومن ڪئٿولڪ ڊايوسيس حيدرآباد ۽ ڪئٿولڪ بورڊ آف ايجوڪيشن جي تعاون سان 1997ع ۾ اسڪول جي نئين عمارت جو بنياد رکيو ويو. 2000ع ۾ اسڪول جي پهرين منزل تي 5 ڪمرن، هڪ ڪانفرنس هال ۽ ٻيءَ منزل تي آڊيٽوريم جو واڌارو ڪيو ويو.
موجوده وقت ۾ بلڊ بئنڪ، سکر جي ويجهو نيشنل بئنڪ جي بلڪل سامهون قائم هن اسڪول جو شمار سکر جي بهترين ۽ معياري اسڪولن ۾ ٿئي ٿو. هي اسڪول ثانوي ۽ اعليٰ ثانوي تعليمي بورڊ، سکر سان لاڳاپيل (affiliated) آهي. هن وقت سينٽ ميريز هاءِ اسڪول ۾ تقريباً 1300 شاگرد ۽ شاگردياڻيون تعليم حاصل ڪري رهيون آهن. اسڪول جا سمورا انتظام، ڪئٿولڪ بورڊ آف ايجوڪيشن جي ذمي آهن ۽ اسڪول جي پرنسپال سسٽر روزي جيڪب آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو